منڇر ڍنڍ جي پاڻي سيوهڻ جون وڌيڪ 10 يوسيز ٻوڙي ڇڏيون

ڪراچي:منڇر ڍنڍ جي پاڻي سيوهڻ تعلقي جون 10 يوسيز ٻوڙي ڇڏيون، پاڻي آخري يوسي شيخ ۾ به ڪاهي پيو

ڳوٺ محمد عثمان سولنگي، غلام حسين لغاري ۽ لڙهه ماڇي سوڌو ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، ٽلٽي، آراضي، باغ يوسف ۽ بوبڪ سوڌو ڪيترائي ڳوٺ منڇر جي پاڻيءَ ۾ ٻڏل آهن

 350 کان وڌيڪ ڳوٺ متاثر ٿيڻ سبب سوين خاندان لڏپلاڻ تي مجبور آهن، سنڌوءَ ۾ پاڻي جي سطح گهٽجڻ بعد درياهه ۾ منڇر جي پاڻيءَ جو ڇوڙ وڌي ويو

 ڪرمپو وٽ ايل ايس بند کي ڏنل ڪٽ کان درياهه ۾ منڇر جي پاڻي جو ڇوڙ جاري آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔