گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل طرفان پاڪستان لاءِ 30 ارب ڊالرز امداد جي اپيل

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاڪستان لاءِ 30 ارب ڊالرز امداد جي اپيل ڪري ڇڏي

اسلام آباد ۾ وزيراعظم سان گڏ ڳالهائيندي انتونيو گوتريس چيو ته پاڪستان ۾ ڪلائيميٽ چينج سبب وڏي تباهي آئي آهي، ماحولياتي تبديلي جي ذميوار ملڪن کي پاڪستان جي مدد ڪرڻ گهرجي

هن چيو ته پاڪستان لاءِ اها مدد ڏيڻ يڪجهتي جو اظهار نه پر انصاف ڪرڻ هوندو، ڇاڪاڻ ته پاڪستان کي ان ڏوهه جي سزا ملي آهي جيڪو ٻين ڪيو آهي

وزيراعظم شهباز شريف انتونيو گوتريس کي يقين ڏياريندي چيو ته عالمي امداد جو هڪ هڪ پئسو شفاف انداز ۾ متاثرين جي مدد لاءِ خرچ ڪيو ويندو

ڇا منڇر ڍنڍ مان اڃا به ماڻهن کي خطرو آهي؟ انتونيو گوتريس جو سوال ڇا منڇر ڍنڍ مان اڃا به ماڻهن کي خطرو آهي؟ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جو بريفنگ دوران سوال

اين ايف آر سي سي جي ميجر جنرل ظفر اقبال جواب ڏيندي چيو ته منڇر ۾ پاڻيءَ جي ليول وڌڻ کانپوءِ 2 ڪٽ هڻي دٻاءُ گهٽايو ويو آهي، بلوچستان مان لاڳيتو پاڻي اچڻ سبب منڇر مان هڪ مهيني تائين خطرو برقرار رهندو

سيڪريٽري جنرل ٻيو سوال پڇيو ته ڇا اڃا وڌيڪ برساتن جو خطرو موجود آهي؟ ميجر جنرل ظفر اقبال چيو ته 25 سيپٽمبر کان برساتن جي اڳڪٿي آهي، في الحال سسٽم جو رخ ڀارت ڏانهن آهي پر ڪلائيميٽ چينج سبب اهو اسان ڏانهن به اچي سگهي ٿو

انتونيو گوتريس کي ٻوڏ جي تباهڪارين بابت وڊيوز ۽ سلائيڊز ذريعي جامع بريفنگ به ڏني وئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔