سنڌ ۾ ڊرينيج سسٽم ٺهڻ تائين برسات ۽ ٻوڏ جو پاڻي بيٺل رهندو: وزير اعظم

اسلام آباد: وفاقي ڪابينا کي بريفنگ ڏني وئي آهي ته ملڪ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب 3 ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا آهن

وزير اعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران ٻوڏ ۽ برسات جي تباهڪارين بابت بريفنگ ڏني وئي

اجلاس کي خطاب دوران وزير اعظم چيو ته سنڌ ۾ جيستائين ڊرينيج سسٽم نه ٺاهينداسين، برسات ۽ ٻوڏ جو پاڻي بيٺل رهندو

شهباز شريف چيو ته سنڌ ۾ ڊرينيج سسٽم لاءِ جامع رٿابندي ڪرڻي آهي، اسان کي پنهنجي بلنڊرز مان سکڻ گهرجي

وزير اعظم شهباز شريف چيو ته مستقبل ۾ تباهي آڻيندڙ واقعن کي روڪڻ لاءِ سڀني کي گڏجي قانون تي عمل ڪرائڻو پوندو

وزير اعظم چيو ته هي سياست، نه پر ٻوڏ متاثرن جي خدمت جو وقت آهي، ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ لاءِ اڻٿڪ محنت ڪندڙ ادارن جا ٿورا مڃون ٿا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔