سنڌ جي مختلف شھرن ۾ تيز وسڪاري ٻوڏ متاثرن جا اھنج ٻيڻا ڪري ڇڏيا

ڪراچي : ٺٽو، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ بدين ضلعن جي مختلف علائقن ۾ تيز وسڪاري ٻوڏ متاثرن جا اهنج ٻيڻا ڪري ڇڏيا، رستن ۽ بندن تي ويٺل ٻوڏ متاثرن جي پريشاني وڌي وئي آھي

  مٺي، جهڏو، ڪنري، نبي سر روڊ، راڄوخاناڻي، چوهڙ جمالي، پٿورو، نئون ڪوٽ، ڍورو نارو، گهارو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات پئي

ڏيپلي جَي ڳوٺ کونڊڙي ۾ برسات دوران وِڄ ڪرڻ سبب نوجوان امين ڀنڀرو فوت ٿي ويو، ڪُنري تعلقي ۾ برسات دوران مرچ منڊيءَ ۾ رکيل هزارين مڻ مرچن کي نقصان، ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ضلعن ۾ 14 سيپٽمبر تائين وقفي وقفي سان برسات جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔