نوازشريف ۽ زرداري اهڙو من پسند آرمي چيف آڻڻ چاهين ٿا، جيڪو هنن کان چوري جو پڇاڻو نه ڪري: عمران

فيصل آباد : تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته امپورٽڊ حڪومت ملڪ جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو، نوازشريف ۽ زرداري جو چونڊن کان ڀڄڻ جو مقصد مرضي جو آرمي چيف لڳائڻ آهي. فيصل آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ٻاهرين سازش تحت امپورٽڊ حڪومت مڙهي وئي،  موجوده حڪومت 4 مهينن ۾ ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، هي صرف ڪرپشن ڪيس بند ڪرائڻ آيا آهن، جن ايندي ئي 1100 ارب جي چوري معاف ڪرائي

هن چيو ته  آءِ ايم ايف پهريون ڀيرو چيو آهي ته ملڪ جي خراب معاشي حالتن جو سبب حڪومتي ڪرپشن آهي، هي حڪومت ڪمزور ترين حڪومت آهي، مهانگائي آسمان تي ۽ معيشت زمين تي اچي وئي، جن ماڻهن سازش ڪري هن چورن کي اسان تي مڙهيو، اڄ قوم انهن کان جواب گهري رهيو آهي، قوم سان غداري ڪندڙن کان قوم جواب گهري رهي آهي. عمران خان چيو ته موجوده امپورٽڊ حڪومت صرف پنهنجا ڪرپشن ڪيس بند ڪرڻ لاءِ اقتدار ۾ آئي آهي، ملڪ ۾ سياسي استحڪام اليڪشن سان ايندو، هي اليڪشن کان ان ڪري ڊڄن ٿا، ڇاڪاڻ هي نومبر ۾ پنهنجي مرضي جو آرمي چيف مقرر ڪرڻ چاهين ٿا

زرداري ۽ نوازشريف جي پوري ڪوشش آهي ته اهڙو آرمي چيف اچي، جيڪو سندن حق ۾ بهتر هجي، ڇاڪاڻ جيڪڏهن محب وطن آرمي چيف آيو ته هنن کان چوري تي پڇندو. وزيراعظم کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي هن چيو ته شهبازشريف چوي ٿو ته قوم محنت ڪري، شهبازشريف قوم ته محنت ڪندي آهي پر تون، تنهنجو ڀاءُ ۽ زرداري عوام جا پيسا چورائي ٻاهر موڪليو ٿا. مريم نواز کي ڪوڙي قرار ڏيندي عمران خان چيو ته مريم نواز چيو ته منهنجي لنڊن ته ڇا پر پاڪستان ۾ به ملڪيت ناهي پر ڪجهه وقت بعد عالمي اسڪينڊل ۾ هنن ملڪيت ظاهر ٿي، مريم نواز ايڏي معصوميت سان ڪوڙ ڳالهايو ته منهنجو ڏاڏو امير شخص هو، جڏهن ته شهبازشريف چوي ٿو ته منهنجو والد غريب هو. عمران خان چيو ته آصف زرداري ملڪ جي سڀ کان وڏي بيماري آهي

هن 13 ارب رپيا سوئيٽرزلينڊ ۾ رکيا، مشرف حڪومت کي خبر پئي ته هن ڪارروائي ڪئي، اهي پيسا واپس ملڪ اچڻا هئا پر مشرف ظلم ڪندي چورن کي اين آر او ڏنو. 20 سال زرداري ۽ نوازشريف هڪٻئي کي چور چوندا رهيا، جڏهن تحريڪ انصاف جي سونامي آئي ته ٻئي چور پاڻ ۾ ملي ويا، هاڻ هنن کي اسان تي مڙهيو ويو، هنن تي جڏهن به ڏکيو وقت ايندو آهي ته ٻاهر ڀڄي ويندا آهن، زرداري اينٽ سي اينٽ بجاني جو بيان ڏئي ٻاهر ڀڄي ويو. تحريڪ انصاف جي چيئرمين جو چوڻ هو ته زرداري ميموگيٽ ۾ آمريڪين کي چيو هو ته مونکي پاڪستاني فوج کان تحفظ ڏيو، نوازشريف ڊان ليڪس ۾ ڀارت کي چيو ته اسان چاهيو ٿا پر فوج دهشتگردي نٿي روڪي، سارڪ ڪانفرنس ۾ هي لڪي مودي سان ملندا رهيا، نوازشريف ۽ زرداري ملڪ لاءِ سيڪيورٽي رسڪ آهن، غدار آهن. عمران خان چيو ته هي اليڪشن ڪرائڻ کان ڊڄن ٿا، ڇاڪاڻ هنن جو نالو نشان ئي مٽجي ويندو، نومبر ۾ نئون آرمي چيف اچڻ وارو آهي، نوازشريف ۽ زرداري پنهنجو آرمي چيف آڻڻ چاهين ٿا

هي ڊڄن ٿا ته جيڪڏهن محب وطن آرمي چيف اچي ويو ته اهو هنن کان پڇاڻو ڪندو، ڇاڪاڻ هنن وڏي چوري ڪئي آهي، آرمي چيف ميرٽ تي اچڻ گهرجي. تحريڪ انصاف چيئرمين عوام کي مخاطب ٿيندي چيو ته فيصل آباد ۾ به هڪ ٻه لوٽا نڪتا آهن، توهان واعدو ڪيو ڪڏهن به لوٽن کي کٽڻ نه ڏيندا، اولهه پاڪستان سان انصاف نه ڪيو ته ملڪ ٽٽي ويو. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ اسان کي ڊيم ٺاهڻا پوندا، موسمياتي تبديلي لاءِ وڻڪاري ضروري آهي، ملڪ ۾ ڊرينيج سسٽم کي ٺيڪ ڪرڻو پوندو، ٻوڏ متاثرن لاءِ ايندڙ آچر تي ٻيهر اربين رپيا گڏ ڪندس، ٽيليٿون ڪندس،هن چيو ته اسان ملڪي ناڻي ۾ واڌ ۽ ڪرپشن ۾ گهٽتائي آندي، اسان پيٽرول جي قيمت گهٽ رکي، عوام تي بار پوڻ نه ڏنو، اسان جي دور ۾ بجلي سستي هئي، 4 مهينن ۾ مهانگائي آسمان تي ۽ معيشت زمين تي اچي وئي آهي، آءِ ايم ايف چيو آهي ته مهانگائي اڃا وڌندي

  • TAG

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔