سيوهڻ بچائڻ لاءِ منڇر کي 200 فوٽن جو ڪٽ، دٻاءُ برقرار، وڌيڪ 2 ڪٽ ڏيڻ جو فيصلو

ڀان سيدآباد/سيوهڻ /دادو: منڇر ڍنڍ جي پاڻي ۾ خطرناڪ واڌ بعد سيوهڻ ڀرسان باغ يوسف آر ڊي 14 وٽان منڇر جي بند کي 200 فوٽن جو ڪٽ ڏئي ڇڏيو،  100 ڳوٺن ۾ پاڻي داخل، سيوهڻ ايئرپورٽ، وڏي وزير جو ڳوٺ واهڙ، پارڪو ڪمپني، 400 کان وڌيڪ ڳوٺ ٻڏڻ  ۽ سوا لک آبادي متاثر ٿيڻ جو خطرو

منڇر کي ڪٽ ڏيڻ باوجود ڍنڍ تان دٻاءُ گهٽ نه ٿيو، وڏي مقدار ۾ پاڻي جي آمد جاري، انتظاميا پاران ڍنڍ کي بوبڪ شهر وٽان به ڪٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾  منڇر ڍنڍ موجن ۾ اچڻ بعد تيز هوا سبب اٿلڻ لڳي، جنهن بعد سنڌ سرڪار نيٺ گوڏا کوڙيندي منڇر ڍنڍ جي بند کي سيوهڻ جي باغ يوسف ڀرسان آر ڊي 14 وٽان 200 فوٽن تائين ڪٽ ڏنو ويو، آبپاشي کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري جمال الدين منڱڻ ۽ انجنيئر مهيش ڪمار جي نگراني ۾ عملي پاران ڪرين مشين ذريعي بند کي ڪٽ ڏئي پاڻي جو ڇوڙ آبادي طرف ڪيو ويو، ڳوٺ باغ يوسف، ڳوٺ سانگ پور،ڳوٺ رحيم بڙدي، ڳوٺ وليداد رند ڳوٺ سينچ، غلام حسين ٽالپر، ڳوٺ رسول بخش، ملاح سميت سيوھڻ جي ٽن  يوسين يوسي چنا ۽ يوسي جعفرآباد ۽ يوسي بوبڪ جي سوين ڳوٺن پاڻي پھچي ويو جيڪي ھن وقت مڪمل طور تي پاڻي ھيٺ اچي ويا آهن جڏھن ته سيوھڻ کان بوبڪ طرف ويندڙ لنڪ روڊ تان به  پاڻي اور ٽاپ ٿي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ داخل ٿيڻ لڳو  آهي

ڪٽ جي ڪري تعلقي سيوهڻ جون 5 يونين ڪائونسل ٻڏي وينديون، هٿ ڪيل ڄاڻ مطابق يوسي واهڙ، يوسي بوبڪ، يوسي چنا، يوسي جعفرآباد ۽ يوسي آراضي مڪمل طور تي منڇر جي ٻوڏ واري پاڻي جي گهيري هيٺ اچي وينديون جنهن جا تقريبن 500 کان وڌيڪ ڳوٺ متاثر ٿيندا ۽ سوا لک انساني آبادي به متاثر ٿيندي، متاثر ٿيندڙ ڳوٺن ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه جو ڳوٺ واهڙ به ٻڏي ويندو، جڏهن ته شهباز ايئرپورٽ سيوهڻ، پارڪو تيل ۽ گئس ڪمپني، به مڪمل طور تي ٻڏي ويندي، منڇر جي پاڻي سبب لاڙڪاڻو حيدرآباد انڊس هاءِ وي روڊ به مڪمل طورتي بند ٿي ويو، رات دير سان منڇر جو پاڻي انڊس هاءِ وي روڊ جي ٻنهي طرفن کان اچي پهتو هيو، پاڻي جو پريشر هجڻ سبب پاڻي اڄ صبح تائين انڊس هاءِ وي روڊ کان اوور ٽاپ ٿي ڪري ڀان سيدآباد شهر جي سم نالي طرف وڌندو، انڊس هاءِ وي روڊ بند ٿيڻ بعد ڀان سيدآباد شهر جو سيوهڻ شهر سان زميني رابطو به ڪٽجي ويو آهي، جڏهن ته لاڙڪاڻي، دادو، ميهڙ ۽ ٻين شهرن جو حيدرآباد ۽ ڪراچي سان سيوهڻ واري رستي کان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي،  واضع رهي ته ڊي سي ڄامشورو پاران پنجن ئي يوسيز کي خالي ڪرڻ لاءِ هڪ ڏينهن اڳ ۾ حڪم جاري ڪيا ويا هئا پر ضلعي انتظاميا متاثر ڳوٺن جي ماڻهن کي ٽرانسپورٽ فراهم نه ڪئي

ٻئي طرف باغ يوسف وٽان 100 فوٽ جو ڪٽ ڏنو ويو ، جيڪو هن وقت سوين فوٽن ۾ ٿي ويو آهي، ان باوجود منڇر جي پاڻي ۾ لاٿ اچڻ بدران تيزي سان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، پاڻي ماهرن توڙي منڇر بچايو اتحاد جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ايم اين وي ڊرين ۽ منڇر کي ايف پي بند وٽان پيل گهاري مان 25 کان 30 هزار ڪيوسڪ پاڻي منڇر ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ لعل باغ يوسف کان ڏنل ڪٽ مان 7هزار 500 ڪيوسڪ پاڻي منڇر مان نڪري رهيو آهي ، جنهن کانپوءِ منڇر مان پاڻي جو دٻاءُ گهٽائڻ لاءِ آر ڊي 54 ۽ 53 جي وچ مان ڳوٺ رودناڻي ڀرسان ڪٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي پر اڃا ڪٽ لاءِ مشينري ناهي موڪلي وئي، منڇر جي گيٽن تي ۽ آر ڊي 53 کان 56 تائين بند تي دٻاءُ وڌي ويو آهي، پاڻي جون لهرون بند کي 8 فوٽن تائين کاڌ ڪري ويون آهن ۽ پچنگ به لڙهي وئي ۽ پاڻي جي سطح وارو گيج به لڙهي ويو آهي. ٻئي طرف نجي ٽي وي موجب منڇر ڍنڍ کي وڌيڪ ٻن هنڌن تان ڪٽ هڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، آر ڊي 55 ۽ آر ڊي 80 وٽان ڪٽ لڳايا ويندا، ڪٽ لڳائڻ سان سيوهڻ جي وڏي آبادي ٻڏڻ جو خدشو آهي. ڪٽ وٽان نڪرندڙ پاڻي ڪرمپور ۽ انڊس لنڪ وچ مان سنڌو درياءَ ۾ داخل ٿيندو

 ٻوڏ جي پاڻي جو  دٻاءُ برقرار آهي خيرپور ناٿن شاهه ۾ پاڻي روڊ جو بچيل 250 حصو به ٻوڙي ڇڏيو، ميھڙ شھر مٿان ٻوڏ جو خطرو نه گھٽجي سگھيو، جوهي رنگ بند کان پاڻي جو دٻاءُ گهٽ نه ٿي سگهيو، جوهي شھر واسين جو ساھ مٺ ۾، ڪمزور پوائنٽ تان رنگ بند کي پلاسٽڪ جون ڪليون ڏئي مضبوط ڪيو . مليل اطلاعن موجب ميھڙ جي آخري ڊفينس لائين رنگ بند کي سٽي ھوٽل ڀرسان 10 فوٽ جو گھارو پئجي ويو، جنھن سبب پاڻي گرڊ اسٽيشن واري پاسي وھڻ لڳو

شھرين ۽ نوجوانن ڪوشش ڪري اڌ ڪلاڪ بعد لڳل گھارو بند ڪري شھر کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو، نوجوانن لڳل گھاري اڳيان سمھي پيا ۽ گھاري کي بند ڪرڻ واري سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿيڻ سبب ھزارين ماڻھن سندن محنتن کي ساراهيو آھي، جڏھن ته ميھڙ_ لاڙڪاڻو روڊ تي پاڻي جو دٻاءُ وڌڻ سبب ميھڙ جي ماڻھن جو ٻاھر نڪرڻ وارو رستو لاڙڪاڻو روڊ کي گاڏين لاءِ بند ڪيو ويو آھي، ميھڙ شھر چئني پاسن کان پاڻي جي گھيري ۾ آھي ميھڙ رنگ بند کي اٽڪ پمپ ، ڀٽي روڊ ۽ انڊس ھاءِ وي تي سٽي ھوٽل سميت 5 ھنڌن تان مسلسل دٻاءُ ھجڻ ڪري شھرين جو ساھ مٺ ۾ آھي، شھر به اڌ کان وڌيڪ خالي ٿي ويو آھي، رنگ بند تي خصوصي دعا گھري ۽ مذھبي جماعتن جي اڳواڻن مسجد جي طالبن به رنگ بند کي مضبوط ڪرائڻ لاءِ پاچڪا ڀرايا رنگ بند مٿان قرآن خواني توڙي علم پاڪ لڳايا ويا، ٻي طرف  ٻوڏ جي پاڻي ميھڙ سميت ڪچي ۽ ڪاڇي جي علائقن ۾ تباھي مچائي ڇڏي آھي، ميھڙ شھر جي باءِ پاس واري علائقي جون 10 کان وڌيڪ ڪالونيون ۽ ميھڙ تعلقي جي 20 يونين ڪائونسلن ۾ ھزارين گھر ڊھي پيا آهن،  ڪارخانا ،سيلر ، رائيس ملون ، پيٽرول پمپ ، ھوٽل ، ڪاليج، اسپتالون ،اسڪول، توڙي دڪان به ٻوڏ جي پاڻي ھيٺ اچي ويا آهن

ٻئي طرف خيرپورناٿن شاھ 2010ع مها ٻوڏ کان پوءِ ٻيهر مڪمل طور ٻڏي ويو، شهر جي مين روڊ رهيل 250 فوٽ اهو به اڄ ٻڏي ويو، ماڻهون گهر جي ڇتن تائين محدود ٿي ويا، شهر جي هر ڪالونين محلن ۾ 10 کان 12 فوٽ ۽ مين روڊ تي 6 کان 8 فوٽ پاڻي بيٺل آهي پاڻي تيزي سان وڌي رهيو آهي روزانو هڪ فوٽ کان ڏيڍ فوٽ وڌڻ لڳو آهي پاڻي جي واڌ ڪري شهر تيزي سان ڊهندو پيو وڃي ڪيترائي گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهي شهر ۾ ريسڪيو ۽ انتظاميا جو نالو نشان ئي ناهي شهري هيئنر تائين فيملي سمت ڦاٿا پيا آهن پرائيوٽ ٻيڙين وارا ڀاڙا تيز ڪري ڇڏيا آهي في ماڻهون کان شهر کان جوهي بئرانچ جي  روڊ تائين 500 روپيا وٺي رهيا آهن. هوڏانهن جوهي رنگ بند کان پاڻي جو دٻاءُ گهٽ نه ٿي سگهيو

جوهي شھر واسين جو ساھ مٽ ۾ ڪمزور پوائنٽ تان رنگ بند کي پلاسٽڪ جون ڪليون ڏئي مضبوط ڪيو ويو آھي، رات دير   سان تيز هوائن جي ڪري رنگ بند تي پاڻي جي خطرناڪ ڇولين جي ڪري دٻاءُ وڌي ويو آھي، جوهي شھر جي ڳوٺ ماڻڪ ڪنگراڻي پوائنٽ تي نگراني ڪندڙ يوسف ڪوري ٻڌايو گذريل ٻارهن ڪلاڪن ۾ ڳوٺ ماڻڪ ڪنگراڻي پوائنٽ وٽ اڌ  فوٽ پاڻي جو چاڙھ ٿيو, منڇر کي باغ يوسف کان ڪٽ ڏيڻ کانپوءِ پاڻي جي وهڪري ۾ تيزي اچي وئي آھي پر لاٿ ناهي هن چيو ته 2010 واري ٻوڏ کان هي پاڻي وڌيڪ آھي, شھيد ڀٽو اڳواڻ ھاشم کوسو ٻڌايو ته ٻوڏ واري صورتحال ۾ آبپاشي ۽ روينيو عملو غائب آھي، جوهي شهر جي رنگ بند تي شاخن ۽ واهن جي پاڻي جو دٻاءُ ڪيئن گهٽائجي ان ڏس ۾ آبپاشي انتظاميا جو ڪارڪردگي نظر نٿي اچي، جوهي جي آس پاس ڳوٺن ۾ به پاڻي ۾ مسلسل چاڙھ  ڳوٺن ۾ ڦاٿل ڳوٺاڻن جون دانهون کاڌي پيتي جي شين جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آھي انتظاميا واهر نه ڪئي، ايف پي بند سميت جوهي باءِ پاس روڊ تي خيما لڳائي ويٺل ٻوڏ متاثر بي يارو مددگار بڻيل, امدادي سرگرميون پڻ شروع نه ٿي سگهيون آھن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔