سپاهي کان وٺي جرنيل تائين، فوج جو هر جوان محب وطن آهي: آصف علي زرداري

ڪراچي: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري زرداري چيو آهي ته سڄي قوم کي نظر اچي پيو ته ملڪ لاءِ فتنو ڪير آهي؟ اڄ سڀني کي انسان ۽ حيوان جي خبر پئجي وئي

صدر آصف علي زرداري زرداري پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جو ٺيڪو کڻي ورتو آهي، جيڪو اسان جي جيئري پورو نٿو ٿي سگهي، انهي شخص جي خاطر ادارن ۽ جرنيلن کي تڪرارن جي ور چڙهڻ نه ڏنو ويندو

آصف علي زرداري موجب سپاهي کان وٺي جرنيل تائين، فوج جو هر جوان محب وطن آهي، سموري قوم ھن وقت ٻوڏ سٽيلن سان گڏ بيٺل آھي، قوم ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي

ھن چيو تھ ڪي پي ڪي ۽ پنجاب ۾ بھ صرف وفاقي حڪومت نظر اچي رھي آھي، ڪي پي ڪي ۽ پنجاب جي صوبائي حڪومتون صرف جلسن جي تيارين ۾ مصروف آھن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔