ڇا عمران خان فوج بابت بيان ڏئي سندن مورال ڊائون ڪرڻ گهري ٿو؟: چيف جسٽس اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ

اسلام آباد : اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطھر من الله پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي لائيو تقرير تي پابندي جي پيمرا آرڊر خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا تھ ڇا پاڪستاني فوج بابت بيان ڏئي اوھان ان جو مورال ڊائون ڪرڻ چاھيو ٿا

عمران خان جي لائيو تقرير تي پابندي جي پيمرا آرڊر خلاف درخواست تي ٻڌڻي اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطھر من الله ڪئي، جڏھن تھ عمران خان جي طرفان بئريسٽر علي ظفر عدالت ۾ پيش ٿيو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عمران خان جي تقرير تي پابندي خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا، چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا عمران خان فوج بابت بيان ڏئي سندن مورال ڊائون ڪرڻ گهري ٿو؟

چيف جسٽس اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جو چوڻ ھو تھ ذميوار ماڻهو به غير ذميواراڻا بيان ڏيندا آهن، پيمرا کي قانون پٽاندڙ ڪم ڪرڻو آهي، عدالت ڪابه مداخلت نه ڪندي

عمران خان جي وڪيل کي چيف جسٽس چيو ته توهان ڪالهه عمران خان جو بيان ٻڌو؟ ڇا سياسي قيادت ائين هوندي آهي؟ ڇا گيم آف ٿرونز لاءِ هر شئي کي داءُ تي لڳايو ويندو آهي

پي ٽي آٰءِ چيئرمين عمران خان  فيصل آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ھو تھ نواز شريف ۽ آصف زرداري من پسند آرمي چيف لڳائڻ چاهين ٿا، نومبر ۾ نئون آرمي چيف اچڻو آهي، اُهي ڊڄن ٿا ته محب وطن آرمي چيف آيو ته انهن کان پڇاڻو ڪندو

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو ته، جڏهن به انهن ٻنهي خاندان تي ڏکيو وقت ايندو آهي ته پرڏيهه ڀڄي ويندا آهن، نواز شريف ۽ آصف زرداري اين آر او وٺي ٻيهر ڏيهه واپس آيا، حڪمران عوام کان به ڊڄن ٿا، ڇاڪاڻ ته عام چونڊون ٿيون ته انهن جو نالو نشان مٽجي ويندو

 فيصل آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ھو ته، شريف ۽ زرداري خاندان 30 سالن کان ملڪ کي لٽي رهيا آهن، آءِ ايم ايف چوي ٿو ته ڪرپشن سبب ملڪ جو ڏيوالو نڪري رهيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔