ڪوٽڙي بئراج تي مٿانهين درجي جي ٻوڏ برقرار

ڪراچي : ڪوٽڙي بئراج تي مٿانهين درجي جي ٻوڏ برقرار، وهڪرا وڌي 5 لک 99 هزار ڪيوسڪ ٿي ويا، گڊو بئراج ۽ سکر بئراج جي وهڪرن ۾ لاٿ جاري آھي

 سنڌوءَ جا وهڪرا گڊو وٽ 3 لک 89 هزار 454 ۽ سکر بئراج وٽ 4 لک 98 هزار 880 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيا ويا

چيف انجنيئر ڪوٽڙي بئراج جو چوڻ آهي ته منڇر ۽ نئيُن جو پاڻي به سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ٿي رهيو آهي، ڪوٽڙ بئراج جي واهن ۾ 14 هزار 755 ڪيوسڪ ڇوڙ جاري آھي

ٻئي پاسي ايم اين وي ڊرين جا وهڪرا وڌڻ سان جوهي شهر جي رنگ بند تي دٻاءُ وڌي ويو آھي، جوهي ڪاليج ڀرسان بند کي لڳل روڻ ڳوٺاڻن بند ڪري ورتي آھي

 وڏي انگ ۾ شهري رنگ بند جي ڪمزور حصن کي مضبوط ڪرڻ ۾ رُڌل، ٻار به شهر بچائڻ لاءِ پنهنجي نازڪ ڪُلهن تي مٽيءَ سان ڀريل ٻاچڪا کڻندا رهيا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔