فوج پاران يوم دفاع جي مک تقريب ملتوي ڪرڻ جو اعلان

پاڪ فوج پاران ٻوڏ متاثرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ يوم دفاع جي مک تقريب ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي

ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته جي ايڇ ڪيو ۾ رٿيل يوم دفاع جي مک تقريب ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جا آفيسر توڙي جوان مقدس فرض سمجهي امدادي ڪارروائين ۾ مصروف آهن

ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب پاڪ ايئرفورس ڏيڍ هزار ۽ پاڪ نيوي 10 هزار ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو آهي، پاڪ فوج پاران 50 هزار ٻوڏ متاثرن کي رليف ۽ 83 هزار متاثرين کي علاج جون سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو تھ تڪليف جي هن گهڙيءَ ۾ هٿياربند فوجون پنهنجي قوم سان گڏ بيٺل آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔