فوج ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي بيان تي سخت ڏک ۽ ڪاوڙ آهي: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي: پاڪ فوج پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي تڪراري بيان تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي

آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي سينيئر قيادت کي نازڪ وقت ۾ تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش افسوسناڪ آهي

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جي چونڊ جي عمل کي تڪراري بڻائڻ پاڪستان جي رياست يا اداري جي مفاد ۾ ناهي

آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج پاڪستان جي آئين جي بالادستي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪندي رهي آهي، پاڪ فوج جي قيادت جي حب الوطني ڏهاڪن کان بي داغ آهي

آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جا جوان ملڪي سلامتي ۽ سيڪيورٽي لاءِ روزانو جانين جا نذرانا پيش ڪري رهيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ فوج کي تڪراري بڻائڻ افسوسناڪ آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔