ايشيا ڪپ: پاڪستان ڀارت کان پلاند وٺي ڇڏيو، 5 وڪيٽن تان ڪامياب

دبئي: ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي جي اهم ميچ ۾ پاڪستان دلچسپ مقابلي کانپوءِ ڀارت کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

ڀارت طرفان مليل 182 رنسن جو هدف پاڪستان هڪ بال اڳ ۾ حاصل ڪيو.

پاڪستان طرفان محمد رضوان 71 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، محمد نواز 42، آصف علي 16، فخر زمان 15، خوشدل شاهه ۽ ڪپتان بابر اعظم 14-14 رنسون ٺاهيون.

ان کان اڳ ٽاس هارائڻ کانپوءِ ڀارت دعوت ملڻ تي پهريان کيڏندي مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 181 رنسون ٺاهيون.

ويرات ڪوهلي 60 رنسن جي اننگز کيڏي، روهت شرما ۽ راهول 28-28، ديپڪ هودا 16، رشاڀ پنت 14، سوريا ڪمار يادو 13 رنسون ٺاهيون.

پاڪستان طرفان شاداب خان 2، محمد نواز، حارث رئوف، محمد حسنين ۽ نسيم شاهه هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔