سکر بئراج وٽ پاڻيءَ جي وهڪرن ۾ لاٿ

سکر ؛ سکر بئراج وٽ پاڻيءَ جي وهڪرن ۾ لاٿ، 24 ڪلاڪن دوران سکر بئراج وٽ 15 هزار ڪيوسڪ جي لاٿ، سکر بئراج وٽ پاڻيءَ جي سطح 5 لک 44 هزار  650ڪيوسڪ رڪارڊ، گڊو بئراج وٽان آخري وڏي وهڪري ۾ به لاٿ آئي آھي

 گڊو بئراج وٽ پاڻيءَ جا وهڪرا 4 لک 84 هزار 795ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيا ويا آھن، گڊو وٽ وهڪرا وچولي درجي واري ٻوڏ تي پهچڻ بعد روڪيا ويا

ڪوٽڙي وٽ پاڻي جو چاڙهه آھي، وهڪرا 5 لک 84 هزار 691 ڪيوسڪ تي پهچي ويا، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجن وٽ مٿانهين درجي جي ٻوڏ برقرار آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔