سنڌ ۾ برسات ۽ ٻوڏ دوران 559 ڄڻا فوت، 21 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا

ڪراچي: سنڌ حڪومت صوبي ۾ جاني ۽ مالي نقصان جا نوان انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وسڪارن ۽ ٻوڏ دوران 559 ڄڻا فوت ۽ 21 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا
صوبائي وزير شرجيل ميمڻ موجب 14 لک 65 هزار کان وڌيڪ گهر ڊهي پيا، پوڻا 17 لک خاندان بي گهر ٿي ويا، جن مان ساڍا 6 لک خاندان ڪيمپن ۾ ترسيل آهن

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران شرجيل ميمڻ چيو ته 44 لک ايڪڙن تي بيٺل فصل، ڀاڄيون ۽ باغ تباهه ٿيا آهن
هن ٻڌايو ته هر ٻوڏ متاثر ڪٽنب کي ٻن ويلن جي ماني، دوائون ۽ ٻيون سهولتون ڏئي رهيا آهيون، عمران خان کي اهڙي صورتحال ۾ جلسا ۽ ڪنسرٽ ڪرڻ تي شرم اچڻ گهرجي
شرجيل ميمڻ چيو ته عوام انڌو ناهي سڀ ڏسي ٿو، قوم عمران کي عبرت جو نشان بڻائي ڇڏيندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔