اسان جي پوري ڪوشش آهي ته ڀان سيد آباد ۽ سيوهڻ کي بچايون:وڏو وزير

ڪراچي : وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سيوهڻ کي بچائڻ لاءِ منڇر کي ڪٽ ڏيڻ ضروري هو، آر ڊي 14 وٽان منڇر کي ڪٽ ڏيڻ سبب 5 يوسيز متاثر ٿينديون

سيوهڻ شهر ۾  ميڊيا سان ڳالھائيندي وڏي وزير مراد علي شاھ چيو ته متاثر ٿيندڙ يوسيز جي ماڻهن کي رليف ڪيمپ ۾ ترسائي سموريون سهولتون ڏينداسين،  2010 ۾ به ساڳيون يو سيز ٻڏي ويون هيون، اسان جي پوري ڪوشش آهي ته ڀان سيد آباد ۽ سيوهڻ کي بچايون

سيوهڻ شهر کي بچائڻ لاءِ آبپاشي عملي منڇر کي باغِ يوسف آرڊي 14 وٽان ڪٽ ڏئي ڇڏيو، منڇر جي گيٽس تان پاڻي اوور ٽاپ ٿيڻ بعد ڳري مشينري ذريعي ڪٽ هنيو ويو، پاڻيءَ جا وهڪرا 5 يوسيز جي آبادين ڏانهن وڌڻ لڳا

 يوسي بوبڪ، چنا، آراضي، جعفرآباد ۽ ٽلٽي مان وڏي پيماني تي لڏپلاڻ، ضلعي انتظاميا متاثر ٿيندڙ هڪ لک آبادي کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪي به انتظام نه ڪيا،  2010 ۾ به منڇر کي ساڳئي هنڌ تان ڪٽ ڏنو ويو هو

منڇر جو پاڻي دادو جي آرڊي 62 بوبڪ واري گيٽ تان به اوور ٽاپ ٿيڻ لڳو آھي، پنج يوسين مان لڏپلاڻ تيز ٿي وئي

آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو جون ٽائيم نيوز سان ڳالهيون ڪندي چيو تھ سيوهڻ، جوهي ۽ دادو بچائڻ لاءِ منڇر کي ڪٽ هنيو ويو، ڪٽ هڻڻ سان مختلف شهرن جي رنگ بندن تان دٻاءُ گهٽجي ويندو

صوبائي وزير چيو ته منڇر کي ڪٽ هڻڻ سان سيوهڻ جون 3 يوسيز متاثر ٿينديون، متاثر ٿيندڙ يوسيز جي آبادين کي انتظاميا پاران اڳواٽ الرٽ جاري ڪيو ويو هو، منڇر کي ڪٽ لڳائڻ جو فيصلو آبپاشي جي انجنيئرن ڪيو

صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته منڇر کي ان هنڌ ڪٽ هنيو ويو آهي جتي وڏي وزير جو گهر آهي، ڪٽ هڻڻ جو فيصلو شهري آبادين کي بچائڻ لاءِ هنيو ويو

حيدرآباد ۾ ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته وڏا شهر ۽ وڏيون آباديون بچائڻ پهرين ترجيح آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه جو پنهنجو ڳوٺ به ٻڏي ويو، لڏپلاڻ ڪندڙ متاثرن کي نڌڻڪو يا اڪيلو نه ڇڏيو ويندو، ٻوڏ متاثرن جي ڀرپور سهائتا ڪئي ويندي، صوبائي وزير شرجيل ميمڻ پاران مٽياري ضلعي ۾ ڇنڊڻ موري ۽ ٻين علائقن جو دورو ڪيو ويو

ميهڙ شهر کي بچائڻ لاءِ لڳايل رنگ بند ۾ رُوڻ پئجي وئي، رنگ بند تي نگرانيءَ لاءِ موجود شهر جي نوجوانن مڙسي ڪري رُوڻ بند ڪري ورتي، اٽڪ پمپ، ڀٽي روڊ ۽ انڊس هاءِ وي تي پاڻيءَ جو دٻاءُ وڌي ويو

ميھڙ شهر کي ٻوڏ جو خطرو برقرار، پاڻيءَ جي وهڪرن چئني پاسن کان گهيري ورتو، ميهڙ واسين ۾ ڏهڪاءُ پکڙيل، شهر بچائڻ لاءِ دعائن جو سلسلو جاري آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔