ٽوئٽر 15 ورهين کان واهپيدارن جو وڏو مطالبو پورو ڪري ڇڏيو

سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئٽر 15 ورهين کانپوءِ واهپيدارن جو وڏو مطالبو پورو ڪري ڇڏيو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب ٽوئٽر پنهنجي واهپيدارن جي وڏي ڏکيائي کي حل ڪندي جلد ئي ٽوئٽ لاءِ ايڊٽ بٽن متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ٽوئٽر واهپيدارن پاران گذريل ڪيترن سالن کان ٽوئٽ پوسٽ ٿيڻ کانپوءِ ان کي ايڊٽ ڪرڻ جو آپشن ڏيڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي ۽ ڪمپني آخرڪار ان مطالبو کي مڃي ورتو آهي.

هاڻ واهپيدار پنهنجي ٽوئٽ پوسٽ ڪرڻ کانپوءِ ان ۾ ٿيندڙ ٽائپنگ جي غلطين کانسواءِ پنهنجي ٽوئٽ ۾ مٽا سٽا به ڪري سگھندا.

ياد رهي ته ان کان اڳ جيڪڏهن توهان جي ٽوئٽ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا غلطي ٿي وڃي ته ان کي توهان ايڊٽ نه ڪري سگھندا هئو، غلطي کي سڌارڻ لاءِ توهان کي ان ٽوئٽ کي ڊليٽ ڪرڻو پوندو هو پوءِ ان کي ائين ئي ڇڏڻو پوندو هو.

ٽوئٽر پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ته هن وقت ايڊٽ بٽڻ جي اندروني طور تي آزمائش ڪئي پئي وڃي ۽ هلندڙ مهيني جي آخر تائين هي فيچر واهپيدارن لاءِ موجود هوندو.

پر شروعاتي طور تي ان کي رڳو ڪمپني جي پيڊ سروس ٽوئٽر بليو جا سبسڪرائبرز ئي استعمال ڪري سگھندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔