شھدادڪوٽ ويجهو مختلف سم شاخن جو پاڻي تيزي سان شھر طرف وڌڻ لڳو

شھدادڪوٽ : شھدادڪوٽ ويجهو مختلف سم شاخن جو پاڻي تيزي سان شھر طرف وڌڻ لڳو آھي، شهر کي ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ ڏکڻ طرف قمبر –لاڙڪاڻي روڊ کي 3 ۽ اُتر واري پاسي کان ڳڙهي خيرو روڊ کي 2 ڪٽ لڳايا ويا

ڪٽ لڳڻ سبب سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا، شهدادڪوٽ جو بلوچستان سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آھي

سيشن جج قمبرشهدادڪوٽ ڪور ڪمانڊر ڪراچي کي خط لکي چيو ھو ته شهدادڪوٽ شهر ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ ٻيڙيون ڏنيون وڃن، متاثر ڳوٺاڻن قمبر -لاڙڪاڻي روڊ ۽ ٻين هنڌن تي پناهه وٺي ڇڏي آھي

جڏھن تھ  قبو سعيد خان ۽ ڪچي پل شهرن جو وڏو حصو پاڻي هيٺ اچي ويو، ٻنهي شهرن مان لڏپلاڻ جو سلسلو جاري آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔