روشن آباد وٽان بدين طرف ڪٽ بند ٿيڻ بعد پاڻي اوور ٽاپ ڪري جهڏو ۾ داخل

جهڏو ۾ پراڻ ڍوري جون تباهڪاريون رُڪجي نه سگهيون، روشن آباد وٽان بدين طرف گهارو ٻڌجڻ بعد پاڻي اوور ٽاپ ڪري جهڏو ۾ داخل، شهر جا مختلف پاڙا ۽ ڪالونيز پاڻي هيٺ اچي ويا آھن

ڊي جِي رينجرز ميجر جنرل افتخار حسن چوڌري طرفان جهڏو ۾ ٻوڏ سبب ٿيل نقصان جو جائزو ورتو ويو، سنڌڙي ڀرسان بااثرن ميرپور خاص روڊ کي ڪٽ هڻي پاڻي ڪنگهل ڍنڍ ڏانهن ڇوڙ ڪري ڇڏيو آھي

سراڙي، ملوڪ پهوڙ ۽ ڀرپاسي جا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، متاثر ڳوٺاڻن طرفان ڪٽ جلد بند ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي

نئون ڪوٽ ڀرسان هاڪڙو ڍوري ۾ چاڙهه جاري، هريجن ڪالوني جا 15 کان وڌيڪ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا

متاثر پنهنجي مدد پاڻ تحت محفوظ هنڌن تي منتقل ٿيڻ لڳا، پنگريو ڀرسان پُراڻ ڍوري کي لڳل گهارو 5 ڏينهن بعد ٻڌجي ويو، ڳوٺاڻن ۽ انتظاميا گڏيل ڪوشش سان گهارو ٻڌي ورتو آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔