پاڪستان جي هوائي فوج  پاران بچاءَ واري ڏهاڙي جي مناسبت سان دستاويزي فلم جاري

ڪراچي: پاڪستان جي هوائي فوج بچاءَ واري ڏهاڙي جي مناسبت سان مختصر دستاويزي فلم جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ 1965 جي جنگ جو احوال ڏيکاريو ويو آهي .

پاڪستان ائرفورس جي ترجمان موجب پاڪستان جي هوائي فوج جي عام تعلقاتن واري شعبي سيپٽمبر 1965 جي جنگ جي مناسبت سان پاڪستان ائير فورس جي سپوتن کي جرات ۽ بهادري تي ٺهندڙ مختصر دستاويزي فلم جاري ڪئي آهي .

ان مختصر دستاويزي فلم ۾ پهرين سيپٽمبر 1965 تي ٿيندڙ فضائي معرڪي جو احوال ڏنو ويو آهي . فلم ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪهڙيءَ ريت پاڪستان جي هوائي فوج پاڪ ڀارت جنگ ۾ دليري سان پاڙيسري فوج جو مقابلو ڪيو ۽ ان جنگ ۾ پاڪستان جي هوائي فوج جي سربراهه ائر مارشل نور خان پنهنجي قائدانا صلاحيتن سان جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔