ايشيا ڪپ: پاڪستان ۽ هانگ ڪانگ اڄ اهم ميچ ۾ هڪ ٻئي جي آمهون سامهون هوندا

گڏيل عرب امارتن ۾ جاري ايشيا ڪپ ٽي ٽوينٽي ٽورنامينٽ جي گروپ اي ۾ شامل پاڪستان ۽ هانگ ڪانگ جون ٽيمون اڄ هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿينديون .

پاڪستان ۽ هانگ ڪانگ کي پنهنجي پهرين گروپ ميچ ۾ ڀارت جي هٿان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو هو پر اڄ جي مئچ ناڪ آئوٽ ٿيندي . کٽيندڙ ٽيم سپر فور مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪندي جڏهن ته هارائڻ جي صورت ۾ ان ٽيم جو ايشيا ڪپ 2022 جو سفر ختم ٿي ويندو .

پاڪستان ۽ هانگ ڪانگ وچ ۾ مئچ پاڪستاني وقت موجب شام ستين وڳي شروع ٿيندي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔