ڪراچي: زيرو پوائنٽ وٽ ايف پي بند ۽ ايم اين وي ڊرين جو پاڻي تيزي سان ڇوڙ ٿيڻ سبب منڇر ڍنڍ تي دٻاءُ وڌڻ لڳو آهي
ڍنڍ ۾ پاڻي جي سطح 121.8 آر ايل ٿي وئي، منڇر ۾ پاڻي جي ڇوڙ لاءِ وٿي ملڻ بعد ايف پي بند ۽ ايم اين وي ڊرين تان دٻاءُ گهٽجڻ لڳو آهي
منڇر ۾ لاڳيتو چاڙهه سبب جهانگارا جا ڪيترائي علائقا پاڻي جي وڪڙ ۾ اچي ويا، انتظاميا جو چوڻ آهي ته منڇر ۾ پاڻيءَ جي لاڳيتو نگراني ڪئي پئي وڃي
انتظاميا موجب منڇر جا بند مضبوط آهن، خطري جي ڪابه ڳالهه نه آهي، اڙل واهه کان منڇر جي پاڻيءَ جو درياهه ۾ ڇوڙ جاري آهي