سنڌو درياءَ ۾ پاڻي وهڪرا ساڍا 5 لک ٿي ويا

ڪراچي؛ گڊو بئراج وٽ سنڌوءَ جي وهڪرن ۾ چاڙهه، مٿانهين درجي جي ٻوڏ برقرار آهي، گڊو جا وهڪرا 5 لک 40 هزار 493 ڪيوسڪ ٿي ويا

سکر بئراج وٽ 48 ڪلاڪن کان وهڪرا 5 لک 29 هزار 817 ڪيوسڪ تي برقرار آهن، چاچڙان شريف وٽ سنڌوءَ جي سطح ۾ واڌ رڪارڊ ٿي آهي

تونسا بئراج وٽ لاٿ بعد وهڪرا 5 لک 62 هزار 707 ڪيوسڪ رڪارڊ ٿي آهي، تربيلا جا وهڪرا معمول تي اچڻ شروع ٿي ويا آهن

ڪابل ندي، ڪالاباغ ۽ چشما بئراجن وٽ پاڻي جي سطح ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، هيٺانهين درجي جي ٻوڏ رڪارڊ ٿي آهي

ڪوٽڙي بئراج وٽ درياهه جي وهڪرن ۾ چاڙهه واري صورتحال آهي، جتي وهڪرا وڌي 4 لک 38 هزار 162 ڪيوسڪ ٿي ويا

پاڻي وهڪرن ۾ اضافي کانپوءِ ڪوٽڙي بئراج تي وچولي درجي جي ٻوڏ برقرار آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔