حيدآباد ۾ برسات متاثرن لاءِ ٽينٽ سٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو

حيدرآباد ؛ ضلعي انتظاميا پاران ٽنڊو محمد خان روڊ تي ليبر فليٽن وٽ ٻوڏ متاثرين لاءِ ٽينٽ سٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اڄ کان ڪي اين شاهه، جوهي ۽ ميهڙ سميت ٻين علائقن مان آيل سمورن ٻوڏ متاثر ماڻهن کي ڄاڻايل ٽينٽ سٽي ۾ ترسايو ويندو. گذريل ڏينهن وڌيڪ سوين خاندان حيدرآباد پهتا آهن، جن کي انتظاميا پاران اڃا تائين رليف ڪئمپن ۾ نه رهايو ويو آهي پر سياسي سماجي اڳواڻن پاران کين مختلف اسڪولن ۽ خالي پيل جاين ۾ ترسائي سندن کاڌي پيتي جو بندوبست ڪيو ويو آهي. ضلعي انتظاميا پاران دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته متاثرن کي خيما ۽ کاڌي پيتي جو سامان فراهم ڪيو ويو آهي پر رڳو تعلقي لطيف آباد ۾ ٽنڊو محمد خان روڊ ڀرسان قائم ليبر فليٽس ۾ 30 خاندان رهايا ويا آهن جن کي به پيئڻ جي پاڻي ۽ بجلي سميت ڪا به سهولت فراهم نه ڪئي وئي آهي. اسسٽنٽ مختيارڪار لطيف آباد اسد علي جو چوڻ آهي ته متاثرين لاءِ ڊپٽي ڪمشنر فواد غفار سومرو جي هدايتن تي ٽينٽ سٽي قائم ڪئي پئي وڃي جتي سمورن متاثر ماڻهن کي ترسايو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔