حڪومت ملڪ ۾ ٻوڏ صورتحال کي قومي ايمرجنسي قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد : سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ملڪ ۾ ٻوڏ صورتحال کي ايمرجنسي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

مريم اورنگزيب چيو آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ غيرمعمولي تباهي کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي جذبو ڏيکارڻو پوندو، ٻوڏ سٽيلن لاءِ قوم خاص طور سمنڊ پار پاڪستاني جي عطئي جي ضرورت آهي، تمام وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي سبب وڏي رقم گهربل آهي.

هن چيو ته وفاقي حڪومت صوبن سان گڏجي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ وسيلن کي موبلائز ڪيو پيو وڃي، تيز برساتن ۽ شديد ٻوڏ وهڪرن سبب امدادي ڪمن ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، عوام جي مدد سان متاثرن جو ريسڪيو ۽ رليف جو عمل تير ڪري سگهجي ٿو.

سڌ سماءُ واري وزير وزيراعظم فلڊ رليف فنڊ اڪائونٽ 2022ع جا تفصيل جاري ڪندي ان فنڊ جمع ڪرائڻ جي اپيل ڪندي چيو ته مصبيت ۾ ڦاٿل وطن واسي اسان جي مدد جا منتظر آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔