سنڌو درياءَ ۾ چاڙهه، بندن تي دٻاءُ سبب گهارا: آبپاشي کاتي هٿ مٿي ڪري ڇڏيا

ڪراچي: طوفاني وسڪارن ۽ سنڌوءَ ۾ ٻوڏ جي وهڪرن سبب بچاءَ بندن تي دٻاءُ وڌي ويو، مختلف علائقن ۾ بندن کي گهارا پيا آهن، جڏهن ته پاڻي بندن جا ڪپر تيزي سان پائي رهيو آهي
سيوهڻ ڀرسان اڙل هيڊ وٽ رنگ بند کي 20 فُٽ گهارو پئجي ويو، سيوهڻ، جوهي ۽ ڪڪڙ جا 20 کان وڌيڪ ڳوٺ ٻڏي ويا، متاثر ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن

سکر ڀرسان بچاءَ بند کي روڻيون پوڻ بعد ڀرپاسي جي علائقن ۾ خوف ڇانيل آهي، اطلاع ملڻ باوجود آبپاشي عملو روڻيون بند ڪرڻ لاءِ نه پهتو
علائقي واسين جو چوڻ آهي ته روڻيون بند نه ٿيون ته بچاءَ بند کي گهارو پئجي سگهي ٿو
پيرڳوٺ ڀرسان اُلرا جاگير بچاءَ بند کي 20 فُٽ گهارو پوڻ سبب ڀرپاسي رهندڙ آبادين جو ساهه مٺ ۾ اچي ويو، ڳوٺاڻا بچاءِ بند کي مختلف هنڌن تي پيل روڻيون بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جڏهن ته آبپاشي عملي گهارو بند ڪرڻ ۽ بند جا ڪمزور ڪپر مضبوط ڪرڻ لاءِ تحرڪ نه ورتو
ٺارو شاهه ڀرسان ايس ايم بچاءَ بند کي مختلف هنڌن تي روڻيون، پاڻي جو تيز وهڪرو بند جي ڪپرن کي تيزي سان پائي رهيو آهي
سنڌو درياهه ۾ لاڳيتو چاڙهه سبب مٽياري ڀرسان ايس ايم بچاءَ بند جي ڪمزور ڪپرن جي کاڌ جاري آهي، گهاري جي خدشي باوجود آبپاشي عملو حرڪت ۾ نه آيو
ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت بند جا ڪمزور ڪپر مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔