سنڌ سرڪار طرفان برسات متاثرن جي مدد لاءِ فوج کان مدد طلب

ڪراچي: سنڌ سرڪار برسات متاثر علائقن ۾ آپريشن ۽ سروي لاءِ پاڪ فوج کان مدد گهري ورتي، ضلعي سطح تي رليف ڪميٽيز جوڙڻ، يوسي سطح تي ٽينٽ سٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته آرمي جي ڪور فائيوَ ۽ انجنيئرنگ ڪور آپريشن توڙي سروي ۾ سنڌ سرڪار جي مدد ڪنديون، برسات سٽيل علائقن جي سروي شروع ڪئي وڃي ته جيئن متاثرن جي وقت سر واهر ڪري سگهجي

مراد علي شاهه چيو ته 2010ع جِي ڀيٽ ۾ هينئر بند مضبوط آهن، پوءِ به ڪمزور ڪپرن تي دٻاءُ وڌي ويو آهي، پنجاب جي جابلو علائقن ۾ وڌيڪ برساتون پيون ته درياهي وهڪرا وڌي سگهن ٿا

هن چيو ته درياهي پٽي تي رهندڙ ماڻهن هاڻي کان ئي گهر خالي ڪرڻ شروع ڪيا آهن، يوسي سطح تي ٽينٽ سٽي ٺاهڻ سان متاثرن کي فوري منتقل ڪرڻ ۾ سولائي ٿيندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔