ڪي پي حڪومت پاران ٻوڏ متاثر علائقن ۾ اسڪول بند ڪرڻ جو فيصلو

پشاور: ڪي پي حڪومت ٻوڏ متاثر علائقن ۾ اسڪول بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي

ان حوالي سان خيبرپختونخوا جي تعليم واري صوبائي وزير شهرام ترڪئي چيو آهي ته ٻوڏ سبب متاثر ضلعن ۾ اڄ کان اسڪول بند رهندا جن ۾ اپر چترال ۽ لوئر چترال ۾ اسڪول پنج ڏينهن تائين بند رهندا.

تعليم واري وزير موجب اپر دير ۾ ٻه ڏينهن ۽ لوئر دير ۾ ٽي ڏينهن، سوات ۾ ٻه ڏينهن، ڊي آءِ خان ۾ ٻه ڏينهن ۽ ٽانڪ ۾ ٽن ڏينهن تائين اسڪول بند رهندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔