سڀاڻي رات تائين ڪراچي سميت سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ گجگوڙ سان برسات جو امڪان

ڪراچي : موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته هوا جو گهٽ دٻاءُ وچ سنڌ ۽ هندستاني راجسٿان ۾ موجود آهي، سڀاڻي رات تائين ڪراچي سميت سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب سنڌ جي ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، سانگهڙ، بدين، حيدرآباد، ٺٽو، سجاول، مٽياري، ٽنڊي محمد خان، جيڪب آباد، سکر، لاڙڪاڻي ۽ ٻين هنڌن تي برسات جو امڪان آهي.

ڪراچي ۾ اڄ تائين ڪجهه هنڌن تي گجگوڙ سان برسات ۽ ڪجهه هنڌن تي وچولي برسات جو امڪان آهي.رپورٽ موجب 26 آگسٽ تائين بلوچستان جي اتر اوڀر ۽ ڏاکڻي ضلعن ۾ تيز برسات پئجي سگهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔