شهباز گل مٿان هٿيار رکڻ جو به ڪيس داخل

اسلام آباد؛ پي ٽي آءِ جي گرفتار اڳواڻ شهباز گل مٿان هڪ وڌيڪ ڪيس داخل ڪيو ويو، اسلام آباد جي سيڪريٽريٽ ٿاڻي تي شهباز گل خلاف غير قانوني هٿيار رکڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، اهو ڪيس هڪ ڏينهن پهريان  رات جو شهباز گل جي فليٽ تي سرچ آپريشن دوران هٿ آيل پسٽل جي بنياد تي داخل ڪيو ويو،  ڪيس ۾ چيو ويو ته بنا لائسنس جي نائين ايم ايم پسٽل رکڻ جي جرم جو مرتڪب ٿيو آهي، جنهن جي بنياد تي ڪيس داخل ڪيو وڃي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔