ڪراچي ڊويزن ۾ به مڪاني چونڊون ملتوي

ڪراچي؛اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ڪراچي ڊويزن ۾ 28 آگسٽ تي رٿيل مڪاني چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون آهن

ذريعن موجب اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن جي هيڊ آفيس چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪراچي ۾ موسم جي صورتحال ۽ مڪاني اليڪشن جي مامرن جو جائزو ورتو ويو

ذريعن موجب چيف اليڪشن ڪمشنر ڪراچي ۾ 28 آگسٽ کي مڪاني چونڊن جي حوالي سان رپورٽ طلب ڪئي ۽ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن کي 6 اهم ادارن کان فوري طور رپورٽ وٺڻ جي هدايت ڪئي وئي

ذريعن موجب صوبائي اليڪشن ڪمشنر ۽ اهم ادارن جي رپورٽس جي بنياد ڪراچي ڊويزن ۾28 آگسٽ تي رٿيل مڪاني چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔