عمران خان کي 25 آگسٽ تائين گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي 25 آگسٽ تائين حفاظتي ضمانت منظور ڪندي پوليس ۽ ٻين ادارن کي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو آهي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان جي ضمانت بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، وڪيلن جي دليلن کانپوءِ عدالت ٽن ڏينهن لاءِ عمران خان جي ضمانت منظور ڪئي آهي

عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين کي هدايت ڪئي آهي ته اوهان لاڳاپيل دهشتگردي ٽوڙ عدالت سان رابطو ڪيو

عدالت درخواست تي اعتراض ڪيو، جنهن تي پي ٽي آءِ جي وڪيل بابر اعواڻ چيو ته پوليس سندن گهرن کي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ عمران خان عدالت ۾ ڪيئن ٿو پيش ٿي سگهي

جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته اعتراض آهي ته درخواست جو بائيو ميٽرڪ ناهي ڪرايو ويو، ڇا اوهان بائيو ميٽرڪ ڪرائڻ لاءِ حفاظتي ضمانت  گهري رهيا آهيو؟

پي ٽي آءِ جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته بائيوميٽرڪ جي ڪري نه پر دهشتگردي  ٽوڙ عدالت جي جج جي موڪل سبب اسان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔