برسات جون تباهڪاريون: شڪارپور سميت اڪثر شهر ٻڏي ويا

ڪراچي :سنڌ ۾ جاري طوفاني وسڪارن تباھي مچائي ڇڏي آھي، سکر، شڪارپور، لاڙڪاڻي، نوشھروفيروز ۽ ٻين شھرن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيھجي ويو آھي

شڪارپور شهر ۾ جاري طوفاني وسڪارن جا راڱا جاري آهن، اڌ شهر ٻڏي ويو آهي، سوين ڳوٺ، پاڙا ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، جماڻي هال، لکيدر، هاٿيدر ۽ هزاري در سوڌو ڪيترن ئي علائقن ۾ 5 فُٽ پاڻي بيٺل آهي

شڪارپور جي انتظاميا پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ اپاءَ نه ورتا، متاثرن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ جا انتظام نه ٿيا، گهر ڊهڻ ۽ ٻڏڻ سبب سوين خاندان دربدر ٿي ويا آھن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔