وزيراعظم جي آرمي چيف کي سنڌ ۾ متاثرن جي مدد جي هدايت: هيليڪاپٽر به استعمال ڪريو: شهباز

اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز  سان فون تي رابطو ڪيو

وزيراعظم هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم ۽ آرمي چيف فون تي رابطي دوران ملڪ ۾ ٻوڏ متاثرن خاص طور تي سنڌ صوبي ۾ ٻوڏ متاثرن جي امداد ۽ بحالي جي ڪاررواين بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي، آرمي چيف پاڪ فوج پاران سنڌ صوبي ۾ ٻوڏ متاثرن جي امدادي ڪاررواين ۾ ڀرپور تعاون بابت وزيراعظم کي آگاهه ڪيو

وزيراعظم سنڌ ۾ روڊن ۽ پلين جي تباهي سبب هيليڪاپٽر جي فراهمي جي هدايت ڪئي آهي، هيليڪاپٽر جي استعمال سان سنڌ صوبي ۽ بلوچستان ۾ ڪٽجي ويل زميني رستن جي ڪري رليف جي فراهمي ۾ ايندڙ مشڪلاتون ختم ٿي وينديون، وزيراعظم رابطي دوران ٻوڏ متاثرن جي ريسڪيو ۽ رليف لاءِ پاڪ فوج جي جذبي جي تعريف ڪئي

آرمي چيف وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته سدرن ڪمانڊ جي ڪمانڊر کي بلوچستان ۾ به امدادي ڪاررواين جي خصوصي هدايت جاري ڪئي وئي آهي

وزيراعظم سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن کي روڪ رقم جي فوري ادائگي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي هدايت جاري ڪئي آهي، وزيراعظم کي اين ڊي ايم اي چيئرمين سنڌ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ جي تباهين جي موجوده صورتحال کان آگاهه ڪيو، وزيراعظم متاثرن جي ريسڪيو، رليف ۽ بحالي جي ڪوششن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔