سنڌ ۾ انٽر جي داخلا لاءِ ڊوميسائيل ۽ پي آر سي جو شرط ختم

ڪراچي: سنڌ جي تعليم کاتي صوبي ۾ انٽر جي داخلا لاءِ ڊوميسائيل ۽ پي آرسي جمع ڪرائڻ وارو شرط ختم ڪندي داخلا جي تاريخ ۾ 20 آگسٽ تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي

خانگي ٽي وي دعويٰ ڪئي آهي ته ڊائريڪٽر ڪاليجز ڪراچي ۽ ٻين شهرن جي ڪاليجز جي پرنسپالز کي حڪم جاري ڪيو آهي ته فرسٽ ايئر جي داخلا وقت شاگردن کان ڊوميسائيل ۽ پي آر سي نه ورتي وڃي، کين اسڪولي سرٽيفڪيٽ جي بنياد تي داخلا ڏني وڃي

ڊائريڪٽر موجب هيل تائين فرسٽ ايئر ۾ هڪ لک 80 هزار کان وڌيڪ شاگرد داخلا وٺي چڪا آهن، هزارين شاگرد ۽ شاگردياڻيون اهڙيون جن وٽ ڊوميسائيل ۽ پي آر سي ناهي، جنهن سبب کين ڪاليجز ۾ داخلا نه پئي ملي، هاڻ کين داخلا ملي ويندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔