سعودي ولي عهد پاڪستان جي دوري جي دعوت قبولي ورتي

اسلام آباد : وزير اعظم شهباز شريف سان فون تي رابطي دوران  سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاڪستان جي دوري جي دعوت قبول ڪري ورتي آهي

اِن ڏس ۾ وزير اعظم شهباز شريف جو سعودي عرب جي نائب وزير اعظم، دفاع واري وزير ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان آل سعود سان فون تي رابطو ٿيو

وزير اعظم خادم الحرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو، جڏهن ته ولي عهد محمد سلمان آل سعود وزير اعظم ۽ پاڪستاني قوم کي آزادي جون واڌايون ڏنيون

ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ گڏيل دلچسپي وارن مامرن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي ۽ پاڪستان سعودي عرب وچ ۾ ڊگهي عرصي کان ٻڌل مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو عزم به ورجايو ويو

وزير اعظم ولي عهد کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني، جيڪا هُن قبولي ورتي، جڏهن ته وزير اعظم سعودي ولي عهد جا پاڪستان جي معيشت ۾ بهتري لاءِ مدد ڪرڻ تي ٿورا پڻ مڃيا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔