ماهوٽا پيلس ۾ ميڊيڪل گرلز ڪاليج جي قيام بابت درخواستن تي 30 آگسٽ تائين فيصلو محفوظ

ڪراچي؛سنڌ هاءِ ڪورٽ ماهوٽا پيلس ۾ ميڊيڪل گرلز ڪاليج جي قيام بابت درخواستن تي 30 آگسٽ تائين فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي

عدالت ۾ ماهوٽا پيلس گيلري ٽرسٽ ۽ علائقي واسين طرفان ڌر بڻجڻ وارين درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت ريمارڪس ڏنا ته محترمه فاطمه جناح ماهوٽا پيلس کي ڪاليج بڻائڻ جي وصيت ڪئي هئي

جسٽس ذوالفقار علي سوال اٿاريو ته ڇا محترمه فاطمه جناح کان غلطي ٿي وئي جو انهن ڪاليج بابت سوچيو، سڀاڻي اوهان چوندو ته انهن پاڪستان ٺاهي غلطي ڪئي، ڇا وصيت تي عمل نه ٿيڻ گهرجي

علائقي واسين جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو آهي ته رهائشي پلاٽ تي ڪمرشل سرگرميون نٿيون ڪري سگهجي، فاطمه جناح  جي استعمال ٿيل شين کي برباد ڪيو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔