سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي ھلڪي برسات جاري

ڪراچي: سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري، باڊهه، باقراڻي، سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ڪٿي هلڪو ته ڪٿي تيز وسڪارو جاري آھي

ڪاڇي جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات بعد نئيون تار وهي آيون، ٽنڊو رحيم، واهي پانڌي، هيرو خان، ڇِني ۽ ٻين علائقن ۾ تيز برسات پئي

جوھي ۾ ڪيترن ئي ڳوٺن جو شهرن سان زميني رابطو ڪاٽا ٿيل آھي، موسميات کاتي چيو آهي ته چوماسي جو هڪ نئون سسٽم سڀاڻي سنڌ تي اثرانداز ٿيندو

ڪراچي ۾ سڀاڻي کان 18 آگسٽ تائين گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آھي، حيدرآباد، بدين، نوشهروفيروز، لاڙڪاڻو، سکر، بدين ۽ ڄامشورو ۾ برسات جاري رهڻ جا امڪان آھن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔