ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ سڀاڻي رات کان تيز برسات جو امڪان

 

ڪراچي ۾ اڄ هلڪي کان وچولي درجي جي برسات جو امڪان آهي. جڏهن ته سڀاڻي رات کان ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ برساتن جو امڪان آهي .

چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز موجب هوا جو گهٽ دٻائو عربي سمنڊ جي ڏکڻ ۾ هن وقت تائين موجود آهي ۽ هوا جي گهٽ دٻاءُ جي ڪري شهر ۾ بادل ٺهي رهيا آهن .

شهر ۾ برساتن جو ٻيو سسٽم سڀاڻي کان اثر انداز ٿيندو ، جنهن جي ڪري ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ سڀاڻي رات کان گجگوڙ سان چوماسي جي برسات جو امڪان آهي .

برسات جو اهو سلسلو 18 آگسٽ تائين جاري رهڻ جي توقع آهي ، هيٺاهين علائقن ۾ اربن فلڊنگ جي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔