ڊالر جو اگهه گهٽجي ويو ، ملڪي معيشت بهتري جي راهه تي هلڻ لڳي

ڪراچي: انٽر بينڪ ۾ اڄ به ڊالر وڌيڪ سستو ٿي ويو ۽ رپيو وڌيڪ مستحڪم ٿي ويو آهي ، ڊالر جي مقابلي ۾ روپئي جي اگهه ۾ 2 رپيا 49 پئسن جو اضافو ٿيو آهي .

هفتي جي پهرين ڏينهن سومر تي ڪاروبار جي شروعات تي آمريڪي ڊالر جي سامهون روپئي جي اگهه ۾ بهتري ڏسڻ ۾ آئي ۽ ڊالر جي اگهه ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري رهيو .

انٽر بينڪ ۾ ڊالر 2 رپيا 49 پئسا سستو ٿيڻ کان پوءِ 213 رپين تي ٽريڊ ڪري رهيو آهي ، جمعي تي ڊالر 215 رپيا 49 پئسن تي بند ٿيو هو.

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به تيزي آئي آهي ، 100 انڊيڪس ۾ 487 پوائنٽس جو اضافو ٿيو ، انڊيڪس 43 هزار 318 جي سطح تي ٽريڊ ڪري رهيو آهي .

 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔