عدالت دعا زهرا جو ٻيهر ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي

ڪراچي: ڪراچي جي عدالت دعا زهرا جو ٻيهر ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي آھي، ڪيس جي جاچ آفيسر کي ضمني چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي

 جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ دعا زهرا بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت جاچ آفيسر پاران دعا زهريٰ جو طبي معائنو ڪرائڻ واري استدعا رد ڪئي، 6 آگسٽ تائين ڪيس جو ضمني چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو

جڏھن تھ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ دعا زهرا جي مڙس ظهير ۽ ڏير شبير کي پيش ڪيو ويو

عدالت جوابدار ظهير ۽ شبير جي ضمانت بابت درخواست تي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي 17آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔