ڪراچي واسين کي بجلي جو جھٽڪو، قيمت ۾ وڏو اضافو

ڪراچي : ڪراچي واسين تي مهانگائيءَ جي وڌيڪ هڪ وڄ  ڪيرائي وئي آھي، ڪراچي واسين کي بجلي جو جھٽڪو ڏنو ويو آھي، قيمت ۾ وڏو اضافو ڪيو ويو آھي

 نيپرا ڪي اليڪٽرڪ لاءِ بجلي 11 رُپيا 37 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي

 ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست تي ٻڌڻي بعد نيپرا چيو آهي ته اٿارٽي انگ اکرن جو وڌيڪ جائزو وٺڻ بعد اگهن بابت حتمي فيصلو ڪندي، ڪي اليڪٽرڪ بجلي جي اگهن ۾ 11 رُپيا 38 پئسا واڌ لاءِ درخواست ڏني هئي

ڪي اليڪٽرڪ عملدارن موجب بجلي جي قيمت ۾ واڌ جون جي مھيني فيول ايڊجسمنٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آھي، گذريل مھيني فرنس آئل مان بجلي جي پيداوار وڌائي وئي آھي، فرنس آئل ۽ آر ايل اين جي مان پيداوار وڌائڻ جي ڪري قيمتن ۾ واڌ ٿي آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔