بلوچستان ۾ برسات ۽ پاڻي جي وڏن وهڪرن تباهي ڪري ڇڏي

اسلام آباد: بلوچستان ۾ برسات ۽ پاڻي جي وڏن وهڪرن تباهي ڪري ڇڏي، بلوچستان جو سنڌ سان چئن ڏينهن کان زميني رابطو ڪاٽا، ڪوئيٽا–ڪراچي شاهراهه به مختلف هنڌن تي پُليون ٽٽڻ سبب آچر تائين بند ڪيل آھي

 لسٻيلي جي علائقي اوٿل ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ لڙهي ويل 4 ڄڻن جا لاش هٿ ڪيا ويا، فوتين ۾ 2 ٻار ۽ هڪ عورت شامل آھي،  بلوچستان ۾ رستا ۽ پُليون ٽٽڻ جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ڳوٺن جو پاڻ ۾ زميني رابطو ڪاٽا، مختلف علائقن ۾ گاڏيون بيهجي وڃڻ سبب مسافر پريشانين ۾ وٺجي ويا

وزيراعظم ملڪ ۾ برساتن دوران ٿيل نقصان جي سروي لاءِ وفاقي وزيرن جي ڪميٽي جوڙي ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔