بلال ڪاڪا قتل ڪيس ۾ 6 پوليس اهلڪار برطرف، رپورٽ پڌري 

حيدرآباد: بلال ڪاڪا قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿي آھي، ايس پي هيڊ ڪوارٽر پاران جاچ رپورٽ ايس ايس پي حوالي ڪئي وئي آھي، بلال ڪاڪا قتل ڪيس ۾ لاپرواهي الزام هيٺ ٻن ٿاڻن جا 6 اهلڪار نوڪرين تان برطرف ڪيا ويا

جاچ رپورٽ موجب ايس ايس پي جاچ ڪميٽي جي سفارش تي ڀٽائي نگر ۽ نسيم نگر جي 6 اهلڪارن کي برطرف ڪيو ويو

جاچ ڪميٽي موجب برطرف ڪيلن ۾ سپاهي عمران شاهه،  اشوڪ ڪمار، مشتاق احمد، اسرار، امتياز ۽ محمود شامل آھن، واقعي واري رات نسيم نگر ۽ ڀٽائي نگر ٿاڻن جون 2 پوليس موبائل بيٺل هيون

رپورٽ موجب ٻنهي گاڏين ۾ اهلڪار موجود هئا، پر جهيڙي دوران ڇڏائڻ جي ڪا به ڪوشش نه ڪئي، ايس ايس پي حيدرآباد وڊيو وائرل ٿيڻ بعد اي ايس آءِ سوڌو 7  اهلڪارن کي معطل ڪيو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔