گهرو وزير جي پنجاب ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جِي ڌمڪي

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته جيڪڏهن منهنجي پنجاب ۾ انٽري بند ٿي ته اِها گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جي شروعات هوندي، اسان سمري تي ڪم به شروع ڪري ڇڏيو آهي

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان سياسي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي آهي، ڪالهه جي عدالتي فيصلي بعد ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي جيڪو بحث ٿي رهيو آهي، اُهو افسوسناڪ آهي، پر ڪجهه ڳالهيون اهڙيون آهن، جن سان بحث کي هٿي ملي رهي آهي

هن چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو خط پڙهو، اِهو خطرناڪ آهي، جيڪڏهن اهڙي فضا معتبر ادارن ۾ آهي ته اسان تباهي جي ڪناري تي بيٺا آهيون

هڪ سوال جي جواب ۾ گهرو وزير چيو ته جيڪڏهن منهنجي پنجاب ۾ داخلا (انٽري) بند ٿي ته اِها صوبي ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جي شروعات هوندي، اسان گورنر راڄ تي ڪم به شروع ڪري ڇڏيو آهي، سمري تي به ڪم ڪريون پيا

هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ گهرو وزير راڻاثناءُ الله جو چوڻهو ته بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي کانپوءِ ن ليگ جو فيصلو هو ته عام چونڊن طرف وڃون، اتحادين سان مشاورت بعد حڪومت ڪرڻ جو مشڪل فيصلو ڪيو

راڻا ثناءُ الله چيو ته نواز شريف جلد ڏيهه واپس ايندو ۽ ن ليگ جي چونڊ مهم هلائيندو، ن ليگ کي  شڪست ڏيڻ جا خواب ڏسندڙن کي عام چونڊن ۾ شڪست ڏينداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔