وفاقي حڪومت وينٽي ليٽر تي آهي، ڪيرائڻ ۾ هڪ منٽ به نه لڳندو: فواد چوڌري

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله پنجاب ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جِي ڌمڪي ڏني آهي، جنهن جَي رد عمل ۾ پي ٽي آءِ جَي مرڪزي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته اسان کي وري وفاقي حڪومت ڪيرائڻ ۾ هڪ منٽ به نه لڳندو

 فواد چوڌري چيو ته وفاقي سرڪار ڪيرائڻ اسان لاءِ ڪو مسئلو ناهي، وفاقي حڪومت وينٽي ليٽر تي آهي، جڏهن چاهيون سُئيچ بند ڪري ڇڏينداسين

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته سُپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ٿيو ته گورنر راڄ جون ڌمڪيون پيا ڏيو، راڻا ثناءُ الله ٻٽاڪون هڻڻ بدران گورنر راڄ لڳائڻ بابت شق پڙهي

هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت بدران چونڊن ۾ دلچسپي آهي، چاهيون ٿا ته سموريون پارٽيز ويهي چونڊن جو فريم ورڪ ٺاهين

فواد چوڌري چيو ته موجوده اليڪشن ڪميشن جي هوندي شفاف چونڊون نٿيون ٿي سگهن، چيف اليڪشن ڪمشنر استعيفيٰ ڏئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔