ڊالر جي اڏام اڃان تيز ٿي وئي، تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو

ڪراچي: ڊالر وڌيڪ 2 رپيا 8 پئسا مهانگو ٿي 227 رپين جو ٿي ويو ، جيڪا پاڪستان جي تاريخ ۾ ڊالر جي اگهه جي بلند ترين سطح آهي جڏهن ته ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي ملهه ۾ بي قدري جو سلسلو اڃان جاري آهي  .

 فاريڪس ڊيلرز ايسوسي ايشن موجب انٽر بينڪ ۾ ڊالر تاريخ جي نئين بلند ترين سطح تي ٽريڊ ڪري رهيو آهي ، گذريل ڏينهن ڊالر 24 رپيا 92 پئسن جي سطح تي بند ٿيو هو .

پاڪستان ۾ حڪومت جي تبديلي کانپوءِ 11 اپريل کان اڄ تائين مستقل ڊالر جي اگهه ۾ اضافو ٿيندو رهيو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔