پاڪستان ڀارت کان ٽين پوزيشن کسي ورتي

دبئي: قومي ڪرڪيٽ ٽيم سري لنڪا کي گال ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست ڏيڻ سان گڏ ئي آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپئن شپ ۾ ڀارت کي چوٿين پوزيشن ڏانهن ڌڪي ڇڏيو .

آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپئن شپ ۾ پاڪستان سري لنڪا خلاف 4 وڪيٽن تان ڪاميابي ماڻي ٽين پوزيشن حاصل ڪري ورتي جڏهن ڀارت جي ٽيم هڪ وک پوئتي چوٿين پوزيشن تي اچي وئي .

قومي ٽيم 8 ٽيسٽ ميچ کيڏي جن مان 4 ۾ ڪامياب ٿي ، 2 ڊرا ٿيون جڏهن ته 2  ۾ ناڪامي کي منهن ڏيڻو پيو . پاڪستان جي ٽيبل تي 54 پوائنٽس آهن .

پوائنٽس ٽيبل تي ڏکڻ آفريڪا پهرين ، آسٽريليا ٻئي، پاڪستان ٽين ، ڀارت چوٿين، ويسٽ انڊيز پنجين، سري لنڪا ڇهين، انگلينڊ ستين ، نيوزي لينڊ اٺين ۽ نائين نمبر تي آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔