ڪورونا کان متاثر 3 مريض فوت،170 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي

اسلام آباد ؛ ملڪ ۾ ڪورونا کان متاثر وڌيڪ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، ڪورونا جي 170 مريضن جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي .

صحت واري قومي اداري (اين آءِ ايڇ) موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا وڌيڪ 3 مريض فوت ٿي ويا ،جڏهن ته 170 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي .

گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا 21 هزار 315 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 599 جا ڪورونا  ٽيسٽ هاڪاري آيا . ملڪ ۾ ڪورونا  جي هاڪاري ڪيسز جي شرح 3 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔