نئين دهلي: ڀارت ۾ صدارتي چونڊ لاءِ ووٽنگ ختم

نئين دهلي: ڀارت ۾ صدارتي چونڊ لاءِ ووٽنگ ختم ٿي وئي

پرڏيهي خابرو اداري موجب صدارتي اميدوارن ۾ حڪومتي اتحادي پارٽين جي اميدوار دروپدي مرمو جو مقابلو مخالف ڌر جي اميدوار يشونت سنها سان آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب سومر ڏينهن ڀارت جي پارليامنٽ ۽ سمورين رياستي اسيمبلين ۾ ميمبرن ووٽ ڪاسٽ ڪيو، صدر جي چونڊ لاءِ ووٽن جي ڳڻپ 21 جولاءِ تي ٿيندي جڏهن ته ڀارت جي پندرنهين صدر جي حلف برداري 25 جولاءِ تي ٿيندي.

ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته دروپدي مرمو جي ڪاميابي جي صورت ۾ هوءَ قبائلي ڪميونٽي سان واسطو رکندڙ ڀارت جي پهرين عورت صدر هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔