ڊالر جي وڏي اُڏام، ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو

ڪراچي : انٽر بئنڪ ۾ دالر جي قدر ۾ مسلسل واڌ ڏسڻ اچي رهي.

ڊالر ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آھي

اڱاري ڏينهن به ڪاروبار جي شروعات تي ڊالر جي قدر ۾ واڌ ٿي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 2رپيا 80پئسا مهانگو ٿي ويو آھي، انٽربئنڪ ۾ ڊالر جو ملهه  218رپيا ٿي ويو آھي.

ڪاروبار دوران ڊالر وڌيڪ مهانگو ٿيو ۽ ان جي قدر ۾ گڏيل طور تي 8 رُپيا 80 پسئا واڌ ٿي جنهن بعد ڊالر  آمريڪي ڊالر جي قيمت 224 رُپيا ٿي وئي آهي.

سومر ڏينهن ڪاروباري هفتي جي شروعات تي به ڊالر جي قدر ۾ واڌ ٿي هئي ۽ ڪاروبار دوران ڊالر هڪ ڀيرو وري ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو هو .

سومر ڏينهن ڪاروباري جي پڄاڻي تي ڊالر 215 رپيا 20 پئسن تي بند ٿيو هو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔